GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪ افغان واپار: هڪ نظر

image

ليکڪ: محمد عامر آفريدي
ترجمو: عدنان کوکر
واپار ماڻهن، ڪمپنين ۽ فرمز، ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ شين ۽ خدمتن جي وڪري يا ڏي وٺ جي عمل کي چوندا آهن، ملڪن جي وچ ۾ خريد ۽ وڪري جي عمل جي لاءِ هڪ خاص طريقيڪار جي ضرورت هوندي آهي. ان مقصد جي لاءِ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ملڪن جي وچ ۾ معاهدن جي ضرورت هوندي آهي ۽ اها به حڪومتن جي ذميواري هوندي آهي ته اهي واپار ۽ واپاري رستن تان نه رڳو رڪاوٽون ختم ڪن پر واپارين ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون، آسانيون ۽ اعتماد به ڏين. ٻن ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي سان ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي زندگي ۾ خوشحالي اچي ٿي. جڏهن ته ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ آسانين ۽ سهولتن سان گڏوگڏ مختلف مسئلا ۽ مشڪلاتون به ٿين ٿيون جن جو جائزو لاڳاپيل حڪومتون وقت بوقت وٺن ٿيون ۽ محفوظ ماحول، سرمائي جو تحفظ ۽ ضمانت، رستي جي سهولت، شين جي درآمد ۽ برآمد جي لاءِ ٽرانسپورٽ، سرحدن ۽ ويزا جاري ڪرڻ جي اهم عمل کي آسان بڻائڻ سميت مختلف قدم کڻن ٿيون.

پاڪستان ۽ افغناستان جي وچ ۾ چمن سرحد تي دوستي جو دروازو

موجوده وقت ۾ جڏهن دنيا هڪ عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي آهي، فاصلا گهٽ ٿي ويا آهن ۽ وقت جي رفتار به تيز تر آهي اهڙي صورت ۾ انساني سوچ ۽ فڪر ۽ واپار جا طور طريقا به تبديل ٿي ويا آهن، ٽيڪنالاجي ۾ جدت سان ڏينهن ۾ ٿيندڙ ڪم هاڻي ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ ٿي رهيا آهن، ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ سهولتن مان اڳ به ۽ هاڻي به انساني جبلت تحت واپاري ۽ سيڙپڪار ٻن ڏورانهن ملڪن بدران پنهنجي پاڙيسري علائقن يا ملڪن سان واپار کي ترجيح ڏيندا آيا آهن. پاڙيسري ملڪن سان واپار جا ڪيترائي فائدا آهن جن ۾ امن امان جي بهتري، ويجها لاڳاپا، قومي دفاع ۽ سلامتي جو تحفظ شامل آهي.

پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ دوستي دروازي تي افغانستان ويندڙ ماڻهن جي قطار

پاڪستان ۽ افغانستان به ويجها پاڙيسري ۽ ڀائر ملڪن آهن جيڪي زبان، ثقافت سان گڏوگڏ گڏيل مذهب ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جا لاڳاپا ايترا مضبوط ۽ بااعتماد آهن جو جڏهن 1979ع ۾ روس افغانستان تي حملو ڪيو ته ٻين ملڪن جي ابتڙ افغان شهرين وڏي انگ ۾ پاڪستان جو رخ ڪيو جتي انهن نه رڳو عزت ۽ وقار سان زندگي گذاري پر اڄ به افغان پناهگيرن جو هڪ وڏو انگ پاڪستان ۾ وڏا ڪاروبار ۽ واپار ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح عوام سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطا قائم آهن.
ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب پاڪستان افغانستان جي لاءِ سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ملڪ آهي جتي افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ شيون برآمد ڪيون پيون وڃن جن جي ماليت ڪيترائي سئو ملين ڊالر آهي اهڙي طرح افغانستان پاڪستان جي شڊين جي لاءِ چوٿين وڏي برآمدي منڊي آهي. سال 2014ع کان اڳ افغانستانجي لاءِ پاڪستان سڀ کان وڏو برآمدي ملڪ هو جڏهن تهبعد ۾ پاڪستان سان اها پوزيشن ايران جهڙن ٻين ملڪن حاصل ڪئي. افغانستان کي پاڪستان جي اهم برآمدات ۾ ڪڻڪ، سمينٽ، کنڊ ۽ چانور شامل آهن. افغانستان سان وڌيڪ پاڪستاني روانگي واپار جو اهو به سبب آهي ته ان ۾ شين جي پهچ ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وقت ۽ خرچ ۾ نمايان بچت ٿئي ٿي ڇو ته ٻنهي ملڪن جون سرحدون پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن جنهن جو فائدو افغانستان جي حڪومت ۽ عوام کي پهچي رهيو آهي.
بدقسمتي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي راهه ۾ ڪجهه مسئلا به درپيش آهن جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو غيرقانوني واپار آهي، پاڪستان ان غيرقانوني واپار جي خاتمي لاءِ ڪجهه قدم پن کنيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طورخم ۽ چمن بارڊر جهڙيون راهداريون به آهن جتي قانوني طريقي سان واپار ٿئي ٿو، پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي گڏيل واپار ۾ سگهه، واپارين کي آسانين جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ واپارين تي ٻڌل پاڪ افغان گڏيل ايوان صنعت ۽ واپار پڻ قائم ڪيو آهي. پاڪستان افغانستان سان واپار کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان ڪيترائي عملي قدم پڻ کنيا آهن جنهن جو اندازو گذريل سال 18 سيپٽمبر تي وزيراعظم عمران خان پاران طورخم بارڊر ٽرمينل کي هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جي حڪم سان به ٿئي ٿو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي هڪ رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ 33.40 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان عرصي ۾ افغانستان پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 825.63 ملين ڊالر رهيو جيڪو مالي سال 19 – 2018ع جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 33.40 سيڪڙو گهٽ آهي، مالي سال 19 – 2018ع جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 1.101 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن موجب هلندڙ سال مئي ۾ افغانستان کي 17.01 ملين ڊالر ماليت جو روانگي واپار ڪيو ويو. گذريل سال مئي ۾ افغانستان کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 115.88 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب اهڙي طرح افغانستان سان درآمدات ۾ 36.79 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي آهي، گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان سان درآمدات جو ڪاٿو 119.32 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سال 19 – 2018ع جي انهي عرصي ۾ افغانستان سان 163.13 ملين ڊالر جي درآمدات ٿي هئي.
ملڪن جي وچ ۾ واپاري سرگرمين تي نظر رکڻ واري عالمي اداري ٽريڊنگ اڪنامڪس پاران جولاءِ 2020ع جي رپورٽ موجب سال 2019ع ۾ افغانستان سان پاڪستان کي 579.53 ملين ڊالر جي درآمدات ٿي جن ۾ 175.25 ملين ڊالر ماليت جا ميوا ۽ 155.14 ملين ڊالر ماليت جون ڀاڄيون شامل هيون. اهڙي طرح گذريل سال افغانستان سان 91.14 ملين ڊالر جي معدنيات ۽ تيل، 57.87 ملين ڊالر ڪپهه ۽ 32.78 ملين ڊالر ماليت جو لوهه ۽ اسٽيل به درآمد ڪيو ويو.
افغانستان جي لاءِ پاڪستاني برآمدات جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ پاڪستان جي لاءِ افغانستان جي درآمدات جو ڪاٿو گهٽ آهي جڏهن ته مجموعي طور تي گذريل مالي سال ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ گهٽتائي آئي آهي. ٻنهي پاريسري ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ گهٽتائي ڇو آئي؟ ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، ان بابت جڏهن پاڪ افغان جوائنٽ چيمبر آف ڪامرس ۽ سرحد چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر ۽ فرنٽيئر ڪسٽم ايجنٽس ايسوسيئيشن جي موجوده صدر ضياءَ الحق سرحدي کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته “پاڪ افغان واپار کي هن وقت مسئلا درپيش آهن ۽ گڏيل واپار ۾ به گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته هڪ وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جو ڪاٿو 2.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو جنهن کانپوءِ ان ۾ ترتيبوار گهٽتائي ايندي وئي جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. جيڪڏهن موجوده صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سڄي دنيا جي معيشتن کي سخت متاذثر ڪيو آهي اتي ان سان پاڪستان ۽ افغانستان جون معيشتون به متاثر ٿيون آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدون بند هجڻ جي ڪري به ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن، ڪجهه عرصو اڳ به پاڪ افغانستان سرحد بند ٿي هئي جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پاڪ افغان سرحد کي 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جو اعلان ڪيو، ان اعلان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بهتري آئي جڏهن ته ان کانپوءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري اها صورتحال خراب ٿي. هن چيو ته اڳ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت معاملا ڪسٽمز کاتي، انتظاميا ۽ خيبرايجنسي ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ طئي ڪندا هئا جڏهن اڳوڻي فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو ته پوليٽيڪل ايجنٽ جوڪردار ختم ٿيو، ٿيڻ ائين گهرجي ها ته سمورا انتظام ڊپٽي ڪمشنر خيبر جي هٿ ۾ هجن ها جڏهن ته ان جي ابتڙ اتي ڊپٽي ڪمشنر ته آهي پر سمورا اختيار ڊي پي او سنڀالي ورتا آهن. ڪسٽمز کانسواءِ اتان جي سرحدي انتظام ۽ انصرام ۾ ڪيترائي ٻيا کاتا به شامل آهن جنهن جي ڪري به واپار متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپار بابت معاملن کي ڪيترن ئي کاتن بدران هڪ کاتي کي ڏسڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ رستي جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سان بنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ نه رڳو استحڪام ايندو پر ان ۾ تمام گهڻو اضافو به ٿي سگهي ٿو. هن حڪومت کان ان حوالي سان خاص ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ تيزي آڻي سگهجي جنهن سان نه رڳو واپاري سرگرميون تيز ٿينديون پر ان سان عوام ۽ حڪومتن جي لاءِ خوشيون پڻ کڻي ايندي”.

پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري رابطا نوان نه آهن پر اهي صدين کان قائم آهن، ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت سرحد چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر حاجي محمد افضل چيو ته جڏهن به امن امان يا دهشتگردي جي ڪري چمن ۽ طورخم سرحد بند ٿئي ٿي ته افغانستان جي عوام لاءِ خوراڪ سميت ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا، انهي جي ڪري افغانستان ايران جي سرحد ۽ بندرگاهن جو استعمال وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل واپار جي جيڪا صورتحال آهي ته يقيني طور تي ٻئي ڀائر ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن جون عوامي ۽ اقتصادي حالتون به هڪ جهڙيون آهن، ٻئي ملڪ صدين کان ڪاوباري رابطن ۾ واڳيل آهن، جيڪڏهن هڪ طرف پاڪستان کي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جي لاءِ افغانستان جي ضرورت آهي ته ٻئي طرف افغانستان وٽ سمنڊ نه آهي ۽ ان کي سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪ افغان واپار ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن ۾ هر ٻئي ڏينهنسرحدن جي بندش سڀ کان وڏو مسئلو آهي، محدود پئماني تي ٽرڪن کي برآمد جي اجازت به هڪ اهم مسئلو آهي، هي اهي حالتون آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته انهن مسئلن جو مستقل حل ضروري آهي، واپارين کي آسانيون فراهم ڪرڻيون پونديون، چيڪنگ جو نظام خودڪار بڻائڻو پوندو، اسڪريننگ جي ذريعي چيڪنگ جو نظام ايترو شفاف بڻائڻو پوندو جو نه رڳو وڏي انگ ۾ درآمد ۽ برآمد ٿئي پر ٽرانزٽ ٽريڊ سميت ٻيا معاملا پڻ آسان بڻائي سگهجن. ان سان نه رڳو پاڪستان ۽ افغانستان جي اقتصادي حالت ۾ بهتري ايندي پر ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي وچ ۾ غلط فهميون به ختم ٿينديون. هنچيو ته امن امان جي صورتحال به ان صورت ۾ بهتر ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن سرحد جي ٻنهي طرفن کان رهندڙ ماڻهو خوشحال هجن ۽ ڪاروبار جي ذريعي آمدني حاصل ٿئي ته ماڻهو ٻين سرگرمين تي ڌيان نه ڏيندا. اسان کي انهن معاملن کي گهري نظر سان ڏسڻو ۽ ان بابت سوچڻو پوندو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز