اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪ يونيورسٽي آف ميڊيا سائنسز جو منصوبو تيار ٿي ويو آهي، پاڪ يونيورسٽي آف ميڊيا سائنسز جو منصوبو پهرين 100 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا انڊسٽري لاءِ حڪومت جي طرفان هي اهم سنگ ميل هوندو.