GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سڄي دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي، غربت ۽ غذائي عدم تحفظ وڏا چئلينجز آهن: وزيراعظم

image

واشنگٽن – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي، غربت ۽ غذائي عدم تحفظ وڏا چئلينجز آهن، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ غذائي کوٽ تمام وڏو مسئلو آهي، غربت جي خاتمي لاءِ چين رول ماڊل آهي، ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا اقتصادي بحران کي جنم ڏنو آهي، احساس پروگرام ڪورونا جي معاشي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏني، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ زبردست قدم کنيا اهن، 10 بلين ٽري منصوبي تحت هيستائين هڪ ارب وڻ هڻي چڪا آهيون، چنسائو ٽيڪنالاجي غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ موزون آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ منعقد چنسائو معاونت ۽ پائيدار ترقي تعاون فورم جي 20 هين سالگرهه جي موقعي تي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم چين کي ان فورم جي ميزباني ۽ پروفيسر لين کي ”چنسائو“ ٽيڪنالاجي ايجاد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان فائديمند ٽيڪنالاجي سان دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪ گذريل 20 سالن کان فائدو کڻي رهيا آهن ۽ هيستائين هزارين ماڻهن ان مان فائدو کنيو آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا کي بالعموم ۽ زمين جي ڏاکڻي حصي ۾ رهندڙ ماڻهن کي خاص طور تي ماحولياتي تبديلين، غربت ۽ سڀ کان وڌيڪ غذائي عدم تحفظ سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، غربت جي سمورين صورتن جي خاتمي جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري گذريل ٻن ڏهاڪن دوران غربت ۾ تسلسل سان گهٽتائي ايندي رهي آهي جڏهن ته ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا اقتصادي بحران کي جنم ڏنو جنهن سان ان طرف ٿيندڙ بهتري سستي جو شڪار ٿي آهي، گذريل 20 سالن ۾ پهريون ڀيرو 2020ع دوران سخت غربت ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ سمورن ماڻهن کي خوراڪ ۽ بهترين غذائيت جي فراهمي وڌيڪ وڏو چئلينج بڻجي اڀريو آهي، عالمي وبا جي هن دور ۾ اقتصادي بحالي، واڌاري ۽ ترقي حاصل ڪرڻ بابت پائيدار ذريعا اختيار ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهن. ”چنسائو“ ٽيڪنالاجي اهڙو ئي هڪ ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿي، اها ننڍن آبادگارن کي گهٽ لاڳت ۾ وڏي پئماني تي کنڀين جي پوکيءَ ۾ معاونت فراهم ڪري ٿي، وڌيڪ اهو ته اها ٽيڪنالاجي زمينن کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿي، ٻيو اهو ته وڌيڪ مقدار ۾ پروٽين هجڻ جي ڪري چوپائي مال جي چاري طور پڻ استعمال ٿي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته غربت جي خاتمي جي حوالي سان چين اسرندڙ ملڪن جي لاءِ رول ماڊل آهي، گذريل چئن ڏهاڪن ۾ چين پنهنجي شاندار واڌويجهه جي شرح سان 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي. وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان چين جي قائداڻي ڪردار کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي خوشحالي، صاف سٿري ۽ خوبصورت دنيا جي تصور کي ساراهيان ٿو، جڏهن ته دنيا کي سال 2060ع تائين ڪاربن جي اثرن کان پاڪ ڪرڻ جو تصور پڻ ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته غربت جو خاتمو ۽ ماحولياتي تبديلين جو مقابلو منهنجي حڪومت جي اهم ترجيحن مان آهي، اسان وڏي پئماني تي سماجي تحفظ جي فراهمي جو پروگرام ”احساس“ شروع ڪيو، ان پروگرام جو مقصد پٺتي پيل ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ، غربت جو خاتمو ۽ ڪمزور خاندانن کي مدد فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ”احساس“ ڪيش پروگرام عالمي وبا ڪوويڊ 19 جي اسان جي آبادي تي پوندڙ معاشي اثرن کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ماحولياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ هجڻ جي ڪري پاڪستان ان عذاب جي خاتمي جي عالمي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين ۽ ماحوليات جي حوالي سان اسان جي ايجنڊا زبردست ۽ واضح آهي ۽ اسان صاف ۽ سرسبز پاڪستان طرف وڌي رهيا آهيون، اسان 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي تحت هيستائين هڪ ارب وڻ لڳائي چڪا آهيون، ٻيلن جي بحالي ۽ توسيع اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، گرين ايرياز ۾ اضافي جا اسان جا قدم گڏيل قومن جي ماحولياتي بحالي نظام ڏهاڪي 2021ع کان 2030ع سان هم آهنگ آهن، اسان کي اميد آهي ته اسان جا اهي قدم ماحولياتي نظام ۾ خرابي کان بچڻ، ان کي روڪڻ ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته چنسائو ٽيڪنالاجي غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ اسان جي معاشري ۽ معيشت جي لاءِ موزون آهي، اهڙي جديد، سستي ۽ ماحول دوست ٽيڪنالاجي پائيدار ترقي جي شروعاتي ٻن مقصدن يعني غربت ۽ بک جي خاتمي کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي، اسان جي غربت جي خاتمي جو قومي پروگرام جيڪو ماڻهن کي معاش جي فراهمي، اثاثن ۾ اضافي ۽ تربيت جي فراهمي کي يقيني بڻائي ٿو، چنسائو ٽيڪنالاجي جي حصيداري سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي ۽ ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ بابت عالمي ڪوششن ۾ اسان جي وابستگي ۽ ارادو مضبوط آهي.

مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ