GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم پاران سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان فوري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار

image
APP22-201022 ISLAMABAD: October 20 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif chairs a review meeting of projects under Saudi Development Fund. APP/MAF/FHA

اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان فوري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماضي ۾ انهن منصوبن جي حوالي سان غيرضروري دير ڪئي وئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي، سعودي عرب پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ، قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ڊولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد جيڪو پاڪستان جي دوري تي آهي، ان کي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان 48 ڪلاڪن ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن سموري ضروري ڪارروائي به مڪمل ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ان حوالي سان اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان کي انهي جوش، جذبي ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ اسان سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي منصوبن جي حوالي سان غيرضروري دير ڪئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. جڏهن ته هاڻي اسان کي انهي رفتار سان اڳتي وڌڻو آهي جنهن رفتار سان گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن جي ان گروپ ڪم ڪيو. اجلاس کي سعودي ڊولپمينٽ فنڊ جي منصوبن تي تازي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ تحت مهمند ڊيم پراجيڪٽ، جاگران – IV پراجيڪٽ، شونٽر هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ گريويٽي فلو واٽر مانسهره پراجيڪٽ جي حوالي سان سموري ضروري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ معاهدن تي جلد صحيحون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پلانٽ ۽ گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي حوالي سان سموريون ڏکيائيون ختم ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نيلم ويلي روڊ جي هڪ سيڪشن ۽ ٻن ٽنلز جي تعمير جي لاءِ پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اهو ته مالاڪنڊ ريجن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ حياسري اسپتال کي ضروري سامان ۽ فرنيچر جي فراهمي جي منصوبن جي حوالي سان پڻ سمورا مسئلا حل ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ايبٽ آباد جي زلزلي کان متاثر علائقن جي بحالي جي حوالي سان سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ، ايرا، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اڪائونٽنٽ جنرل آفيس جي وچ ۾ سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ ترلائي، اسلام آباد ۾ شاهه سلمان اسپتال جي تعمير جي حوالي سان تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. وزيراعظم سعودي وفد کي پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ديامير ڀاشا ڊيم ۾ فنڊنگ ڪرڻ جي ترغيب ڏني جنهن تي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد دلچسپي جو اظهار ڪيو. 17 آڪٽوبر 2022ع تي سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد سان ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي منصوبن ۾ دير تي سخت نوٽيس وٺندي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته ان سلسلي ۾ سموري ضروري ڪارروائي وفد جي پاڪستان ۾ موجودگي دوران پوري ڪري هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پرڏيهي معاملن سميت هر محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي پاڪستان جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي آهي ۽ اسان هر طريقي سان سعودي عرب جي حمايت جاري رکنداسين. سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ وفد جي قيادت سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي ايشمري ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.

مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا